سنڌ

حيدرآباد ۾ پوليس پوسٽ جي لاڪپ مان 2 چور فرار، اهلڪار جي موٽر سائيڪل به ڪاهي ويا

حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ واري پوليس چيڪ پوسٽ تان 2 چور فرار ٿي ويا آهن، جوابدار ٿاڻي مان اهلڪار جي موٽر سائيڪل به ڪاهي ويا. خبر موجب حيدرآباد جي علائقي ڪوهسار ۾ چوري جي ڪيس ۾ ايئرپورٽ چيڪ پوسٽ تي لاڪپ ٿيل جوابدار علا الدين ۽ ذيشان فرار ٿي ويا، جوابدار ويندي ويندي هڪ اهلڪار جي بيٺل موٽر سائيڪل به ڪاهي ويا. جوابدارن جي فرار ٿيڻ تي پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺندي چيڪ پوسٽ انچارج عبدالحميد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button