سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رڪشا هلائيندڙ نوجوان فوت، مخالفن تي قتل جو الزام

لاڙڪاڻي جي بهارپور واسي رڪشو هلائيندڙ نوجوان فوت ٿي ويو، وارثن کيس زمين جي تڪرار تان قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. شهر جي بهارپور واري علائقي جي رهواسي 18 ورهين جو رڪشو هلائيندڙ نوجوان صفدر حسين ڀٽو جي ڀاءُ عمران ۽ چاچي زاهد ڀٽو دانهيندي الزام لڳايو ته اسان جو حاڪم ڀٽو وارن سان گذريل ٻن سالن کان 4 جريب زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جي چرچ تي 23 نومبر جي شام ڌاري عارف ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ عرفان ميراڻي گهر اچي صفدر ڀٽو کي هوٽل تي وٺي ويا جتي هنن کيس شراب پيارڻ سان گڏ چانهه ۾ زهر ڏنو، جنهن ڪري سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جيڪو ٻه ڏينهن چانڊڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد ڪالهه فوت ٿي ويو، جنهن جي موت جا ذميوار حاڪم ڀٽو سميت عارف ميراڻي ۽ عرفان ميراڻي آهن، جن اسان جي نوجوان کي ماري ظلم ڪيو آهي. اسان واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي وياسين پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button