پاڪستانسنڌ

قاضي احمد،شاهپورجهانيان ۽ دولتپور ۾ ثقافتي تقريبون،گيتن تي رقص

قاضي احمد/شاهپورجهانيان/دولتپور:سماجي تنظيم ھمدرد قاضي احمد پاران تعلقي پريس ڪلب قاضي احمد تي ثقافتي پروگرام ڪيو ويو. تنظيم جي نوجوانن ۽ صحافين سنڌي ثقافتي ويس اجرڪ ٽوپي لونگيون پٽڪا پائي شرڪت ڪئي ۽ نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪيو. ان موقعي غضنفر علي شاهه، وحيد علي کوسو، سراج علي ڪوريجو، حاجي ميوو چنا، محمد رمضان لاشاري، بشير احمد جوکيو، ساجد اوٺو، ڄام شفيع انڙ، پريس ڪلب جي صدر راجا ساجد علي انڙ، رجب علي جتوئي، فقير غلام حسين راھو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن شاهپورجهانيان جي اهل البيت پبلڪ اسڪول پاران ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان “تعليم پرايو، سنڌ سنواريو ” جي عنوان سان پروگرام منعقد ڪيو ويو. شاگردن ۽ شاگردياڻين مدثر رضا، آفتاب، دعا، محمد سليمان، ڪامران، شاهزيب، فاطمہ ۽ ٻين ٽيبلو پيش ڪيو. اسڪول جي ايڊمن امام الدين لانگاهه، استادن سيف الله ٻگهيو، نجم عباس لانگاهه، منظر حسين لانگاهہه، امان الله ٻگهيو شريڪ ٿيا. دولتپورصفن پبلڪ گرامر ها اسڪول ۾ پڻ تقريب ٿي، صدارت بوائز ڊگري ڪالج جي پروفيسر ارشاد علي اوٺو ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٻارڙن سنڌي تعليمي ۽ ثقافتي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي سليم رضا سولنگي، ڊاڪٽر جمشيد احمد خانزادو،گل محمد اوٺو، محمد علي جوکيو، روشن سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button