اسلام آباد:گڏيل اپوزيشن پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي اِن ڪيميرا بريفنگ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه گڏيل اپوزيشن صلاح مشوري کانپوءِ پڌرائي جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پارليامينٽ کي لڳاتار نظرانداز ڪندي اِن ڪيميرا بريفنگ سان معاملا هلايا پيا وڃن، سليڪٽڊ وزيراعظم مشورن جي جمهوري روح ۽ فيصلا سازي ۾ جي اهميت کان اڻ واقف آهي. اهڙي حالتن ۾ اِن ڪيميرا بريفنگ ڪنهن نئين حڪومتي تماشي جو رستو صاف ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مخالف ڌر سمجهي ٿي ته قومي سلامتي جو مشير فيصلا سازي کان محروم ۽ رڳو هڪ نمائشي ڪردار آهي، مخالف ڌر پارٽين قومي سلامتي واري معاملن تي ذميواراڻي قومي طرز تي عمل جو مظاهرو ڪيو. پڌرائي موجب مخالف ڌر پارٽين قومي سلامتي ۽ اهم قومي معاملن تي بريفنگ ۽ اجلاسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ پارلياماني اڳواڻن پنهنجون تجويزون به ڏنيون، مخالف ڌر گڏيل اجلاس ۾ قانونن کي بلڊوز ڪرڻ جي حڪومتي رويي جي بنياد تي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي. مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته حڪومت پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ جي طور تي استعمال پئي ڪري، پارليامينٽ ۾ اهم داخلي ۽ خارجي، قومي ۽ عوامي معاملن کي نه پيو آندو وڃي. حڪومت عملي طور پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، سليڪٽڊ وزيراعظم والاريل ڪشمير سميت اهم ترين قومي معاملن تي به اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close