اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آ ايم ايف جي فرمائشن تي 350 ارب ٽيڪسن جي مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون

اسلام آبا:حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خطرا وڌي ويا آهن. مني بجيٽ ۾ ڪاسميٽڪس، دٻن ۾ بند خوراڪ ۽ لگزري شيون مهانگيون ٿينديون، امپورٽ ٿيل گاڏين جا اگهه به وڌي ويندا. ايف بي آر آ ايم ايف جي فرمائشن تي 350 ارب رپين جي ٽيڪسن تي ٻڌل مني بجيٽ توثيق لا لا ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. توثيق کانپو مني بجيٽ ڪابينا ۾ منظوري لا موڪلي ويندي. ڪابينا مان منظوري بعد آرڊيننس ڪڍڻ يا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويندو. چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته مني بجيٽ تيار ٿي وئي آهي، حڪومت جڏهن چوندي پيش ڪنداسين. ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو ته لگزري شين جي درآمد تي ٽيڪس لڳايا ويندا. لگزري گاڏين جي درآمد تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش آهي، پيٽرول شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو. سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي، لگزري آئٽمز جي درآمد تي ٽيڪس لڳايو ويندو، امپورٽ ٿيل گاڏين تي به اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. چيئرمين ايف بي آر موجب پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو، کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف مني بجيٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته مني بجيٽ آڻڻ جي اعلان مان ثابت ٿي ويو آهي ته قومي بجيٽ جي موقعي تي حڪومت قوم ۽ ڪاروباري برادري سان ڪوڙ ڳالهايو. مني بجيٽ آڻڻ وارا چوندا هئا ته ڪائي مني بجيٽ نه ايندي، عمران نيازي هڪ ٻيو يوٽرن ورتو آهي. هي مني بجيٽ نه آهي معاشي تباهي مهانگائي جو ڪارو طوفان آهي. جيڪو قومي معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نئين قانونسازي سان پاڪستان حڪومت ۾ آئي ايم ايف جي ٽيڪس ڪليڪٽر بڻجي ويندي. وفاقي حڪومت جو ڪردار رڳو آئي ايم ايف جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ تائين محدود ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت سڌي طرح عالمي مالياتي ادارو ڪنٽرول ڪندو مني بجيٽ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، منظور نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته مهانگائي پهريان ئي عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي ويتر مهانگائي جو نئون طوفان ايندو. هن چيو ته گيهه 10 رپيا مهانگو ٿي 360 رپيا ڪلو ٿي ويو. اٽو، کنڊ کان پوءِ گيهه مسلسل مهانگو ٿي رهيو آهي. هڪ سال ۾ بجلي 73 رپيا، پيٽرول 41 ۽ ڊيزل 37 سيڪڙو مهانگو ٿي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگهه گهٽجڻ باوجود عوام کي رليف نه پيو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button