اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان عدالت ايم ڊي ڪيٽ جي خلاف اپيلون خارج ڪندي لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت شاگردن لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪيون هيون. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي ايم ڊي ڪيٽ خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ قانوني گهرج آهي، باقي سمورا ٽيسٽ خانگي ڪاليجن جا پنهنجا ذاتي آهن. ڪو به خانگي ميڊيڪل ڪاليج ايم ڊي ڪيٽ کان فرار نٿو ڪري سگهي. پنج صفحن تي فيصلو جسٽس منصور علي شاهه جاري ڪيو. جڏهن ته شاگردن جو موقف هو ته ايم ڊي ڪيٽ جي لاءِ ڪاليجن ۾ تياري ناهي ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button