اسلام آبادپاڪستان

هوائي گدلاڻ سبب پاڪستانين جي ڄمار سوا 4 سال گهٽجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هوائي گدلاڻ پاڪستاني شهرين جي عمر لڳ ڀڳ سوا 4 سال گهٽائي رهي آهي. هوائي گدلاڻ کي جاچڻ لاءِ ڪنهن مانيٽر جي ضرورت ناهي. لاهور ۽ ڪراچي ۾ اها وڌي وئي آهي، هاڻي محسوس به ٿيڻ لڳي آهي. جڏهن آسماني نيري بدران سرمائي نظر اچي، نظر جي حد گهٽجي وڃي، عمارتون ڌنڌليون نظر اچن ۽ ساهه ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندڙ ذرڙا طبيعت ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ لڳن ته سمجهي وڃو توهان انتهائي خراب هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو. اها هوائون توهان کان ساهه کڻڻ جو حق کسي رهيون آهن. ماهرن موجب لاهور جي هوائن ۾ 24 ڪلاڪ گذارڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان 10 تائين سگريٽ واپرائي چڪا آهيو. ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس موجب هوائي گدلاڻ پاڪستان جي شهرين جي عمر جا سوا چار سال گهٽائي رهي آهي. جڏهن ته لاهور جي هوائن ۾ ساهه کڻندڙن جي عمر جا 5 سال گهٽجي رهيا آهن. ايئر ڪوائلٽي لائيف انڊيڪس جي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جو چوٿون گدلو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 21 ڪروڙ ماڻهو گدلاڻ جو شڪار آهن، گدلاڻ جي ڪري پاڪستان جي شهرين جي عمر 3 کان 4 سالن تائين گهٽجي رهي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 1998 کانپوءِ سراسري جي حساب سان سالياني 20 سيڪڙو گدلاڻ وڌي آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ گدلاڻ ۾ سر فهرست آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته صاف هوا سان ڪراچي جي رهواسين جي عمر ۾ 3 ڏهائي 6 سال جي واڌ ٿي سگهي ٿي. لاهور ۽ اسلام آباد جي رهائشين جي عمر ۾ ترتيب وار 5 ۽ 4 سالن جي واڌ ممڪن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button