اسلام آبادپاڪستان

ڪو شڪ ناهي،مهانگائي آهي پر شين جو استعمال به وڌي پيو:فواد چوڌري

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مهانگائي آهي ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي پر شين جو استعمال به وڌي رهيو آهي. مهانگائي گهڻي وڌيڪ هوندي ته شين جو استعمال گهٽ ٿئي ٿو پر وڌي رهيو آهي. ڪجهه ڪلاسز آهن جيتري آمدني وڌي شايد مهانگائي سان متاثر ناهن ٿيا. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ هڪ شخص جو ووٽ بئنڪ آهي اهو عمران خان آهي. هن وقت پي ٽي آئي کان علاوه ڪائي ٻي جماعت پاپولر آهي ئي ڪونه، ٽي وي تي روزانو هڪ ئي شئي ڏسي ڏسي ماڻهو تنگ ٿي پيا آهن. فواد چوڌري چيو ته عمران خان وزيراعظم آهي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿو مڃي، وزيراعظم وزيرن کي غير ضروري دورن کان روڪي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهي، ڪي پي قيادت چاهي ٿي ته عمران خان ڪي پي ڪي جو دورو ڪري. پنجاب ۾ به مڪاني چونڊن جون تياريون ٿي رهيون آهن. عمران خان کي ووٽ ملي ٿو، سڀ چاهين ٿا هو عوام ۾ وڃي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بلڪل صحيح ڊائريڪشن ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم تي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جو استعمال نٿو ڪري سگهي ته قانون تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينت قانون ٺاهي ڇڏيو آهي ته ادارن جو ان تي عمل ڪرڻ اڻٽر آهي. سڄي دنيا ۾ ادارا اهن جيڪي اي وي ايم تيار ڪن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button