پاڪستانسائنس ۽ ٽيڪنالاجي

هلندڙ سال 2021ع جو آخري مڪمل سج گرهڻ سڀاڻي ٿيندو، پاڪستان ۾ نظر نه ايندو

ڪراچي: هلندڙ سال 2021ع جو آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندو، موسميات کاتي موجب سج گرهڻ ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ آمريڪا، ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ، انٽارڪٽيڪا ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ نظر ايندو. جڏهن ته پاڪستان ۾ سج گرهڻ نظر نه ايندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب اڄ صبح 10 لڳي 29 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ سج کي مڪمل گرهڻ منجهند 12 وڳي لڳندو. موسميات کاتي موجب سج گرهڻ 2 لڳي 37 منٽن تي ختم ٿي ويندو. جيڪو ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ آمريڪا، ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ، انٽارڪٽيڪا ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ نظر ايندو. جڏهن ته پاڪستان ۾ سج گرهڻ نظر نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button