مٺي: مٺي جي خانگي برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول جي شاگردن ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ رنگا رنگي پروگرام ڪوٺائي قومي گيت، ٽيبلوز، خاڪا، تقريري مقابلا ۽ اسٽج ڊراما پيش ڪيا. اسڪول ۾ پرنسپال ذڪا نهڙيو، نعيم نهڙيو ۽ ٻين جي ميزباني ۾ ڪوٺايل پروگرام ۾ شاگردن ۽ ملازمن ثقافتي لباس پائي ڀرپور شرڪت ڪئي، اڳوڻي اي ڊي او تعليم آچار عابد نهڙيو اسٽيج پروگرام جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ثقافتي ڏهاڙي جي تاريخي پسمنظر بابت تقريرون ڪرڻ سان گڏ نظام جوکيو جي فطرت کي بچائڻ لا ڏنل قرباني ۽ سردارن جي ظلم توڙي مارئي جي حب الوطني بابت اسٽيج ڊراما ۽ خاڪا پيش ڪيا ۽ قومي توڙي ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري ايڪتا ۽ ثقافت جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو ۽ ڌرتي کي ڀيٽا ڏني. تقريب ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ سينيئر صحافي ممتاز نهڙيو ۽ تعليمدان آچار عابد نهڙيو هٿان شيلڊون ڏياريون ويون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close