پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ثقافتي تقريبون، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو رقص

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لا تياريون زور شور سان جاري آهن. گذريل ڏينهن پرائيويٽ برائيٽ فيوچر اسڪول طرفان هڪ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن ثقافتي ويس پائي مختلف ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ قومي گيتن تي رقص ڪيو. جڏهن ته شاگردن رضاالله بجير، ڪشش سنڌي، خوشي، ڀوميڪا، سنجئه، پراچي، پريت، وويڪ، لڪي هرش، چاندني ۽ ٻين سنڌ جي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت بابت تقريرون ڪري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. استادن قيمترا بٽاني، شاهنواز خاموش خاصخيلي، شنڪر سانگي، رزاق نهڙي، نظام بجير ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته اسڪول انتظاميا طرفان ٿر ۾ پراڻي دور ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا، جنهن بابت شاگردن صحافين ۽ شهرين کي ڄاڻ ڏني. ٻئي طرف گرلس ها اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو. هيڊ مسٽريس وجئه لڪشمي ۽ شاگردياڻين طرفان تقريرون پڻ ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button