اسلام آبادپاڪستان

آغا سراج دراني سپريم ڪورٽ ٻاهران نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ طرفان آغا سراج دراني کي نيب سامهون سرينڊر ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي. پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جتي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سندس درخواست تي شنوائي ڪئي. ان دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرٽ تي آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪئي. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل کان سواءِ سپريم ڪورٽ ان تي شنوائي نه ڪندي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جڏهن هاءِ ڪورٽ ضمانت رد ڪئي ته اوهان کي جيل ۾ هجڻ گهرجي. آغا سراج دراني گرفتاري ڇو ناهي ڏني. اوهان کي خاص رعايت ڇو ڏيون؟ عدالت آغا سراج دراني کي نيب سامهون سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آغا سراج پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري ۽ نيب کي گرفتاري ڏئي ان کان پوءِ ايندڙ هفتي ان جو ڪيس ٻڌنداسين. نيب راولپنڊي جي ٽيم آغا سراج دراني کي سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري گاڏي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button