پاڪستانسنڌ

گورنر پنجاب جي بيان سان عمران جو ڪردار وائکو ٿي ويو آهي: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا عطا مري چيو آهي ته گورنر پنجاب جي بيان سان عمران نيازي جو ڪردار وائکو ٿي ويو آهي، عمران خان ٽن سالن ۾ جيڪا تباھي ڪئي آهي، سمورا راز ھاڻي فاش ٿي رھيا آهن، اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

ھن چيو ته عمران خان کي ورتل قرض جي هڪ هڪ روپين جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ چور چوڪيدار ملڪ جا سمورا اثاثا وڪرو ڪري ڇڏيا آھن، شازيه مري وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر حڪومت کي بار بار چوندي رهي ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ اڄ عمران خان آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عمران خان پارليامينٽ مان چور وانگي ڀڄندو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button