اسلام آبادپاڪستان

اٽارني جنرل حلف نامي لاءِ اڳوڻي چيف جج رانا شميم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد : اٽارني جنرل خالد جاويد عدالتي حڪم جي روشني ۾ اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان رانا شميم کي خط لکي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد طرفان رانا شميم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس جي خلاف بيان جو حلف نامو پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن کي ڏنو وڃي ۽ حلف نامي جي ڪاپي پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن ڏانهن اماڻي وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن حلف نامو پرڏيهي وزارت ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن اماڻيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button