اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري کانپو اعظم سواتي به اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير فواد چوڌري کانپو ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزامن جي معاملي تي لکت ۾ معافي وٺي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن مٿان الزام لڳائڻ واري ڪيس ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جي شنوائي ڪئي. بينچ بئريسٽر علي ظفر کان پڇاڻو ڪيو ته اعظم سواتي ڪٿي آهي؟ وڪيل چيو ته اعظم سواتي اڄ هتي موجود نه آهي، ان لاءِ مان پيش ٿيو آهيان. اڄ پيش نه ٿيڻ جي ڇوٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي سنڌ واري ميمبر پڇاڻو ڪيو ته ڇا اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي. گذريل شنوائي تي هو سينيٽ ۾ هو، هتي نه آيو. وڪيل جواب ڏنو ته اعظم سواتي ٻه ڀيرا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. علي ظفر اعظم سواتي طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ معافي نامو پيش ڪيو. علي ظفر لکت وارو معافي نامو اليڪشن ڪميشن جي سامهون پڙهي ٻڌايو. اعظم سواتي پنهنجي معافي نامي ۾ چيو آهي ته منهنجي لفظن سان اليڪشن ڪميشن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معافي گهران ٿو. اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿو. ڪڏهن به اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. وفاقي وزير آهيان، هميشه ادارين جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو. سنڌ جي ميمبر چيو ته سمورن ادارن کي هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي. اعظم سواتي کي پيش ٿي معافي گهرڻي پوندي. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي ڪيس جي شنوائي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button