
مقصودو رند: ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مقصودو رند ۾ برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول ۾ استادن ندام رند، احمد رند ،لعل بخش رند ۽ ٻين ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن ثقافتي لباس اجرڪ ۽ ٽوپي پھري قومي گيتن تي رقص ڪيو، شاگردن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪري انساني زنجير ٺاهي. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان خوشنصيب آهيون جو اسان سنڌ ڌرتي جا پٽ آھيون، اسان ھڪ عظيم ثقافت جا وارث آهيون، جيڪا ھزارين سال قديم آهي.