پاڪستانسنڌ

ارباب گروپ جو اڳواڻ ضمانت تي آزاد، ڪارڪنن جي ڪلوئي تائين ريلي

مٺي/ ڪلوئي: ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ايس ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز تي ها ڪورٽ ۾ حراسمينٽ جي درخواست ڏيڻ جي انتقام ۾ 2 ڪلو چرس جي ڪيس ۾ چالان ڪيل پورهيت الهبخش درس جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ارباب گروپ پاران ڏيپلو کان ڪلوئي تائين ريلي ڪڍي پوليس خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان سلسلي ۾ ارباب گروپ جي اڳواڻ پورهيت الهبخش درس کي 2 ڏينهن اڳ ڪلوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ 2 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چالان ڪيو هو. پوليس جي اهڙي انتقامي ڪارروائي خلاف 8 ڊسمبر تي ارباب گروپ ۽ پي ٽي آ پاران احتجاجي ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي. هوڏانهن گرفتار پورهيت جي وڪيل ظهير الدين نهڙيو پاران ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪلوئي جي ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ پورهيت الهبخش درس کي 2 ڪلو چرس رکڻ جي ڪيس ۾ چالان ڪيو آھي، پورهيت الهبخش درس ڪجهه مهينا اڳ ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي، ايس ايڇ او ڪلوئي حسين بخش راڄڙ، ايس ايڇ او ڏيپلو مبارڪ راڄڙ ۽ ٻين خلاف حراسمينٽ جي درخواست داخل ڪرائي چڪو آھي، جيڪا عدالت ۾ هلندڙ آھي، ان ڪري سندس کان انتقام وٺڻ لا ڪوڙي چرس جي ڪيس ۾ پوليس ڦاسايو آھي، اهڙي موقف بعد عدالت گرفتار پورهيت الهبخش درس جي 20 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪئي، جنهن بعد کيس ڏيپلو جڊيشل لاڪپ مان آزاد ڪيو ويو، سندس آزادي بعد ارباب انور، ارباب عمران، ارباب عنايت ۽ بئريسٽر ظفر الله جي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ڪلوئي جي مين چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پورهيت الهبخش درس جي گرفتاري کليل داداگيري ۽ پوليس گردي آھي، ايس ايڇ او ڪلوئي حسين بخش راڄڙ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين جو ساٿاري ۽ چونڊيل نمائندن جو ونگاري آھي. ٿر پوليس سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهي آھي. هنن چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آھي، باقي ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ايس ايڇ اوز سياسي چونڊيل نمائندن جا ڪمدار ۽ منشيات فروشن جا ساٿاري آھن. هنن چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر منشيات جو مين ڊيلر آهي، جيڪو پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جون ونگار وهي رهيو آهي. ان موقعي تي ارباب گروپ اڳواڻ الهبخش درس، ڏاتر ڏنو هالو، ربڏنو ڏيسر، الله بخش متواڻي، ربڏنو هالو ۽ هاشم هالو سميت سوين ارباب گروپ جا اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button