پاڪستانسنڌ

شادي کان انڪار ڪندڙ طلاقيل عورت تي سئوٽ تيزاب اڇلائي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي اختر ڪالوني ۾ نوجوان شادي ڪرڻ جي انڪار تي عورت مٿان تيزاب اڇلائي ڇڏيو آهي. محمود آباد جي اختر ڪالوني جي رهواسڻ 29 ورهين جي مريم ثنا مٿان شادي کان انڪار تي پنهنجي ئي سئوٽ شهزاد تيزاب اڇلايو آهي، متاثر عورت کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي، جڏهن ته سندس هڪ مهينو اڳ طلاق ٿي هئي.

پوليس موجب جوابدار شهزاد عورت مريم ثنا سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، نوجوان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ عورت جي گهر آيو ۽ شادي جي انڪار تي هن عورت مٿان تيزاب اڇلائي ڇڏيو، واقعي کانپوءِ متاثر عورت کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.

شروعاتي رپورٽ مان خبر پئي آهي ته متاثر عورت تيزاب جي ڪري 40 سيڪڙو متاثر ٿي آهي. پوليس عورت جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري اڃا تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button