پاڪستانپنجاب

سيالڪوٽ ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ پرڏيهي شهري مڇريل ماڻهن هٿان تشدد بعد قتل، لاش کي باهه

سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ هڪ مڇريل ميڙ توهين مذهب جي الزام هيٺ مقامي فيڪٽري جي سريلنڪن مئنيجر کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جي سڃاڻپ پريا نٿا ڪمارا جي نالي سان ٿي آهي جيڪو سيالڪوٽ جي وزيرآباد روڊ تي هڪ خانگي فيڪٽري ۾ ايڪسپورٽ مئنيجر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو. جڏهن ته سيالڪوٽ ۾ اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هنن وٽ هڪ انتهائي سڙيل لاش آندو ويو آهي، لاش لڳ ڀڳ سڙي رک بڻجي چڪو هو.

سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن هٿان قتل ٿيل سريلنڪن شهري

مڇريل ماڻهن جي دعويٰ آهي ته مقتول مبينه طور مذهبي جذبن جي توهين ڪئي هئي، انهن ماڻهن فيڪٽري ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي. ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پرڏيهي مئنيجر جي موت جي جاچ ڪري رهيا آهيون. سيالڪوٽ پوليس جي ترجمان چيو ته شروعاتي جاچ بعد تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا ويندا. ٻئي طرف آ جي پنجاب رائو سردار علي خان به واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او گوجرانوالا کي موقعي تي پهچڻ جي هدايت ڪئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي واري هنڌ تي سوين ماڻهو موجود آهن جڏهن ته ڪجهه وڊيوز ۾ ماڻهن کي نعريبازي ڪندي به ٻڌي سگهجي ٿو. واقعي واري هنڌ سڙندڙ لاش جي ڀرسان گهڻا ماڻهو پنهنجي موبائل فون وسيلي وڊيوز ٺاهيندي نظر آيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button