سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شهرين جو بااثر ماڻهن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان آڪاش ڪمار، اوٽڻ مل، پرديپ ڪمار، راڪيش ڪمار، وجي ڪمار ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 4 سال اڳ مان لاهوري پاڙي واسي ظهور احمد لاهوري کان 42 لک عيوض جڳهه خريد ڪئي، جتي مان ڪرياني جو دڪان هلائيندو آهيان. هن الزام لڳايو ته جڳھه خريد بعد پاڙي جا بااثر ڪاشف ميمڻ ۽ سندس ماسات ظهير ميمڻ اسان کي تنگ ڪرڻ لڳا ته جڳهھ اسان کي ڏئي توهان هتان لڏي وڃون. گذريل 29 آڪٽوبر تي بااثرن چوري جو ڪوڙو ڊرامو رچائي سول لائين پوليس کي ڳري رشوت ڏئي، گهر مٿان چڙهائي ڪرائي، پوليس گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪندي اڍائي تولا سونا زيور، 2 لک 5 هزار روپين سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي آهي. هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ڦرلٽ ڪيل سون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button