اسلام آبادپاڪستان

سيالڪوٽ واقعو، پاڪستان لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جو هڪ ڪارخاني تي حملو ۽ سريلنڪن مئنيجر جو جيئرو ساڙڻ پاڪستان لاءِ هڪ شرمناڪ ڏينهن آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته مان پاڻ واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهيان ۽ چٽن لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيان ته ذميوارن کي قانون مطابق سخت سزائون ڏنيون وينديون، گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. واضح رهي ته سيالڪوٽ ۾ هڪ نجي فيڪٽري جي سريلنڪا سان تعلق رکندڙ فيڪٽري مئنيجر کي مڇريل ماڻهن تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. مڇريل ماڻهن لاش کي رستي تي گهلي باهه ڏئي ڇڏي. مڇريل ماڻهن جي دعويٰ هئي ته مقتول مبينا طور تي مذهبي جذبن کي مجروح ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button