سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ طلاقيل عورت سان مبينا زيادتي، عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ميرو خان چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ لاڏائو خاندارن سان واسطو رکندڙ طلاقيل عورت مبينا جنسي زيادتي خلاف والدين سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. متاثر ناري پنهنجي والدين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 9 مهينا اڳ مڙس مونکي طلاق ڏني، جنهن بعد مان پنهنجي مامي سان گڏ رهندي آهيان. 28 آڪٽوبر تي رات جي وقت بااثر شراب پي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد اتان نڪري ماءُ جي گهر واپس پهتي آهيان، هن وقت بااثر خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button