سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ معذورن جو ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ايسوسيئيشن آف ڊيف تنظيم طرفان 5 سيڪڙو ڪوٽا تحت معذورن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ميونسپل هاءِ اسڪول ويجهو قائم آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پنهل خان سانگي، اشفاق لغاري، سرفراز دستي، خليل رحمٰن عباسي، فراز پيچوهو، شيراز شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي معذورن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو ويو آهي، جن کي پنهنجا جائز حق ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جڏهن ته 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا جون نوڪريون به پيسن عيوض عام ماڻهن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن، جيڪا انتهائي افسوس ناڪ عمل ۽ معذورن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي جي معذور نوجوانن ۾ ڀرپور صلاحتون موجود آهن، پر کين مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button