پاڪستانپنجاب

سيالڪوٽ واقعي کي تحريڪ لبيڪ سان سلهاڙڻ افسوس جوڳو آهي: ٽي ايل پي

لاهور: تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) طرفان پڻ سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري جي سريلنڪن مئنيجر جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي. ٽي ايل پي ترجمان جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ واقعي کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان منسوب ڪرڻ افسوسناڪ آهي، واقعي جو پسمنظر ۽ سازش سميت سمورن پاسن کي سامهون رکي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي. ترجمان چيو ته واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي گرفتا ڪري سامهون آندو وڃي، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هوندي ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي جرئت نه ٿيندي، ملڪ ڪنهن رتوڇاڻ ۽ فساد کي برداشت نٿو ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button