سنڌ

باهو کوسي ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

باهو کوسو ۾ ڳوٺاڻن زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ بلاول کوسو جي رهواسين قطب کوسو، الهڏنو کوسو، محبوب کوسو، عبدالرزاق کوسو، حبيب الله، محمد خان کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان جي زرعي زمين تي بنا جواز بااثر وڏيري بهادر علي کوسي ۽ سندس ڀائرن قبضو ڪيو آھي، واقعي جو ڪيس باهو کوسو ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي. ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي اسان جي زمين تي قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياري ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button