سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسز ايسوسئيشن پاران مرڪزي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به سول اسپتال جي مُک گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ چانڊڪا اسپتال جي مرد ۽ عورت نرسن شرڪت ڪري هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نرسن روبينه شبنم، يامين وڳڻ، منصور ڀٽو، صابر ميڻو، هري چند، فدا حسين، لياقت علي چاچڙ، عبدالڪريم چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي جائز مطالبن ۾ نرسنگ ڪيڊر جي رڪروٽمينٽ رولز جلد نوٽيفاءِ ڪرڻ، نرسنگ ڪيڊر کي سال 2019 کان منظور ٿيل هيلٿ پروفيشنل الائونس ڏيڻ، نرسنگ ڪيڊر جي 5 هزار گريڊ جي 16 ۽ 17 جون پوسٽون منظور ڪرڻ، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جي نرسن کي فورٽائير فارمولا جي تحت آڊٽ ڪاپي جاري ڪرڻ، جينزڪ نرسنگ شاگردن جو وظيفو 15880 مان وڌائي 30 هزار روپيه ڪرڻ، نرسنگ ڪيڊر جي تعليمي پاليسي ۽ ڊيپوٽيشن پاليسي الڳ ڪري 50 نرسز بي ايس اين ۽ 50 ايم ايس سي اين جي تحت ڪرڻ، پبلڪ هيلٿ اسڪول ۽ ڪميونٽي مڊ وائيف اسڪول پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي فيصلي موجب نرسنگ آفيسرن حوالي ڪرڻ ۽ نرسنگ جو مئنيجمينٽ ڪيڊر منظور ڪرڻ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور جائز مطالبن کي منظور ڪري اسان کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button