اسلام آبادپاڪستان

آغا سراج دراني نيب عدالت ۾ پيش،2 ڏينهن وارو راهداري رمانڊ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني جو 2 ڏينهن وارو راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. ڪالهه نيب راولپنڊي پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو ويو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان سراج دراني جي راهداري ريمانڊ جي درخواست ڪندي چيو ته آغا سراج جا گرفتاري وارنٽ آهن، کيس پهرين موجود اڏام ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. سومر تي ڪراچي جي لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ پيش ڪنداسين. شنوائي دوران عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته منهنجي خيال ۾ هي پهريان به پيش ٿي چڪو آهي. جنهن تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ٻه سال اڳ به کيس گرفتار ڪيو هو. عدالت آغا سراج دراني کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيندو؟ جنهن تي پ پ اڳواڻ چيو ته شام جو اڏام آهي هنن کي چئو ته جلد ڪراچي پهچائين. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدار جو ٻن ڏينهن وارو راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي آغا سراج دراني چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گرفتاري ڏني، 2 سالن کان ڪيس وڙهي رهيو آهيان. ڪراچي ۾ مون کي ان لاءِ گرفتار نٿو ڪيو وڃي جو کين جهازن ۾ سفر ڪرڻ جو شوق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button