اسلام آبادپاڪستان

سيالڪوٽ واقعي خلاف مذمتي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع،جاچ جو مطالبو

لاهور:سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ واقعي خلاف مذمتي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. قرارداد مسلم ليگ(ن) جي ميمبر حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرائي وئي. پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ٿيندڙ قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جو هي مقدس ايوان سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. شرمناڪ واقعي سان سموري پاڪستاني قوم شرمنده آهي. ڏينهن ڏٺي جو هڪ پرڏيهي شهري کي چوڪ ۾ زنده ساڙيو وڃي ٿو پر انتظاميا ڪٿي به نظر نٿي اچي. متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سموري معاملي ۾ حڪومت انتهائي غير سنجيدگي ۽ غيرذميواراڻي رويي جو مظاهرو ڪيو. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي فوري طور تي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button