اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

کير،گيهه،چانور ۽ دالين سميت 21 عام واهپي واريون شيون مهانگيون

اسلام آباد:ملڪ ۾ هلندڙ هفتي گيهه، داليون ۽ چانهه جي پتي سميت 21 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هلندڙ هفتي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 48 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي. رپورٽ موجب مهانگائي جي گڏيل شرح 18 ڏهائي 45 سيڪڙو رهي پر گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ اها شرح 19 ڏهائي 12 سيڪڙو رهي. 21 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. 11 ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 19 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران گيهه 5 روپيا 62 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، جنهن کان پوءِ گيهه جي قيمت 396 روپيا 66 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي. جڏهن ته مڱن جي دال 3 روپيا 41 پئسا، مسور جي دال 4 روپيا 77 پئسا ۽ چڻن جي دال 91 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. هلندڙ هفتي دوران 190 گرام چانهه جي قيمت ۾ هڪ روپيو 22 پئسا اضافو ٿيو. جڏهن ته باهه جي استعمال لاءِ ڪاٺين جي قيمتن ۾ به اضافو ڏٺو ويو، جنهن کان پوءِ في مڻ ڪاٺين جي قيمت 773 روپيا 77 پئسا تي پهچي وئي آهي. ان کان علاوه کير، ڏهي، گوشت، ڊبل روٽي ۽ چانور به مهانگا ٿيا. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. زنده مرغي 19 روپيه 40 پئسا سستي ٿي، جنهن کان پوءِ مرغي جي قيمت 233 روپيا 32 پئسا ٿي وئي آهي. کنڊ وڌيڪ هڪ روپيو 42 پئسا گهٽتائي کان پوءِ 92 روپيه 34 پئسا في ڪلو تي اچي وئي آهي. جڏهن ته ٽماٽا 19 روپيا 53 پئسا في ڪلو سستا ٿيا. اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت به 6 روپيا 84 پئسا گهٽ ٿي. ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر به 60 روپيه 21 پئسا سستو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button