اسلام آبادپاڪستان

معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن،ناڪارا نه ٿيا ته ضرور ڦاٽندا:فواد چوڌري

اسلام آباد :سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سيالڪوٽ واري افسوسناڪ واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن ان ٽائيم بمن کي ناڪاره نه ڪيوسين ته اهي ضرور ڦاٽندا. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ڪالهه سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان. لفظ ئي نه پئي ملي سگهيا. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته اهڙا واقعا صرف 48 ڪلاڪ اسان کي تڪليف ڏيندا آهن. ان کان پوءِ سڀ ڪجهه نارمل ٿي ويندو آهي ۽ تيستائين سمورا احساس دفن رهندا آهن جيستائين ٻيو واقعو نه ٿئي. وفاقي وزير چيو ته اسان معاشري ۾ ٽايئم بم لڳائي ڇڏيا آهن انهن بمن کي ناڪاره نه ڪيوسين ته اهي ڦاٽندا نه ته ٻيو ڇا ڪندا. وقت تيزي سان نڪري رهيو آهي، اسان کي اهڙن معاملن تي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سيالڪوٽ جي فيڪٽري ۾ مڇريل شرپسند ماڻهن سريلنڪن مئنيجر کي توهين رسالت جي الزام ۾ بيدردي سان قتل ڪري لاش کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button