پاڪستانپنجاب

پريانٿا طرفان ڇنڊ پٽڻ تي سپروائيزر ورڪرن کي اُتساهيو:پوليس رپورٽ

سيالڪوٽ:سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي قتل جي پوليس جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا. پوليس موجب ورڪر ۽ ٻيو عملو پرڏيهي مئنيجر کي پسند نه ڪندو هو ۽ پريانٿا ۽ فيڪٽري جي عملي ۾ اڪثر تڪرار ٿيندو رهندو هو. پوليس ٻڌايو آهي ته پريانٿا خلاف ورڪرن ۽ سپروائيزر مالڪن سان ڪيترائي ڀيرا شڪايت به ڪئي هئي، جڏهن ته واقعي واري ڏينهن پريانٿا پروڊڪشن يونٽ جو اوچتو دورو ڪيو هو، جتي ناقص صفائي تي هن ورڪرن ۽ سپروائيزر جي ڇنڊ پٽي. پوليس موجب فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا ورڪرن کي ڀتين جي رنگ لاءِ سموريون شيون هٽائڻ جو چيو هو ۽ مقتول مئنيجر پاڻ به ڀتين سان شيون هٽائيندو رهيو، ان ئي دوران مذهبي پوسٽر به لاٿائين، جنهن تي ورڪرن گوڙ ڪيو ته مالڪن جي چوڻ تي پريانٿا معذرت ڪري ورتي. پوليس جاچ ۾ چيو ويو آهي ته جنهن سپروائيزر کي پريانٿا ڇنڊ پٽي، پوءِ ان ئي ورڪرن کي اڪسايو، پريانٿا ڪمارا فيڪٽري ۾ جنرل مئنيجر پروڊڪشن طور ايمانداري سان ڪم ڪندو هو ۽ فيڪٽري قانونن تي سختي سان عمل ڪندو هو، جنهن تي فيڪٽري مالڪ به ان مان خوش هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button