پاڪستانعالمي

اميد ته عمران واعدو پورو ڪندي جوابدار ڪٽهڙي ۾ آڻيندو:سريلنڪن وزيراعظم

ڪولمبو/اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي تي سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپاڪسا سان رابطو ڪيو آهي. جڏهن ته سيالڪوٽ مڇريل ماڻهن جي هجوم هٿان بي رحمي سان قتل ٿيل فيڪٽري جي مينيجر واري واقعي تي سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي. هن چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجو واعدو پورو ڪندي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي به سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ شدت پسند هجوم هٿان پريانٿا دياودانا جو بيرحماڻي ۽ وحشياڻي قتل کي ڏسي حيرت ٿي آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم لکيو ته منهنجي دل قتل ٿيل فيڪٽري جي مينيجر ۽ ان جي گهرواري ۽ ٻارڙن جي لاءِ ڏکايل آهي. مهندا راجا پاڪسي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته سريلنڪا ۽ هتان جي عوام کي اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان پنهنجو واعدو پورو ڪندي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ واقعي تي سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپاڪسا سان رابطو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپاڪسا سان ڳالهايو آهي ۽ پريانٿا جي قتل تي پاڪستاني قوم کي به ڪاوڙ آهي ۽ قوم سريلنڪا اڳيان شرمنده آهي. هن چيو ته مون سريلنڪن صدر کي ٻڌايو ته هيل تائين 100 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، کيس خاطري ڪرائي آهي ته جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم توهين جي الزام ۾ پرڏيهي فيڪٽري جي مينيجر کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ان جو لاش روڊ تي گهلي ان کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button