پاڪستانپنجاب

سيالڪوٽ سانحو، پوليس وڌيڪ 6 مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ سانحي ۾ ملوث وڌيڪ 6 مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته 13 جوابدارن جو هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ به حاصل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب جوابدارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، تازن ڇاپن دوران وڌيڪ 6 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جي گهرن ۾ گرفتاري جي ڊپ کان لڪل هئا. پوليس موجب هينئر تائين 124 ڄڻن مان 19 جوابدارن جو مک ڪردار سامهون آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button