پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ونجهه وٽي ۽ اٽي ڏڪر جا مقابلا

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ريليون ڪڍيون. اين پي سي آءِ ايڇ طرفان اشرف خاصخيلي، مظهر چانڊيو، دانيال خلجي، آل سنڌ ساند سماجي اتحاد پاران نور محمد ساند، عاشق ساند، قيوم ساند، جسقم پاران الهداد مري شبير ڪوريجو، جمعيت علماءِ اسلام پاران قاري شوڪت ٻجورو، ڏاڏا حسين ٻجورو، عبدالرزاق ٻجورو، انجمن جميعت العباس پاران شاهد عباسي ۽ ٻين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب پهتيون. جتي ٽوپيون ۽ اجرڪ پهريل نوجوانن، ٻڍن ۽ ٻارن قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن مهراڻ هسٽاريڪل ڪلچرل اينڊ ويلفيئر سوسائٽي پاران قديمي ۽ ثقافتي راند کي هٿي وٺرائڻ لا پراڻي مال پڙي ۾ شاگردن ۾ ونجهه وٽي ۽ اٽي ڏڪر جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن جو خاص مهمان آل ساند سماجي اتحاد جو سرواڻ نور محمد ساند هو. ونجهه وٽي جي مقابلن ۾ شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم جي اي ٽيم، بي ٽيم ۽ شهدادپور جي انڊس هاءِ اسڪول جي ٽيمن ۾ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول جي اي ٽيم انڊس هاءِ اسڪول شهدادپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. جنهن بعد اٽي ڏڪر جا مقابلا منعقد ٿيا، جنهن ۾ ٽنڊوآدم جي ٻن ۽ شهداپور جي ٻن ٽيمن حصو ورتو، مقابلن ۾ به شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ورتي. ان موقعي تي آل ساند سماجي اتحاد جي سرواڻ نور محمد ساند ڪامياب ٽيمن ۾ روڪ رقم ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سرواڻ نور محمد ساند چيو ته اسان جون رانديون اسان جي ثقافت ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون. ان موقعي تي پروفيسر ياد حسين شيخ، عاشق حسين ساند، حبيب الله ساند، مولا بخش خاصخيلي ۽ علي نواز ٿهيم سميت ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button