اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ 25 هزار رپيا گهٽ ۾ گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي خلاف درخواستن تي شنوائي ڪئي.عدالت حڪم امتناع ڏيندي اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ گهٽ ۾ گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ واري عمل تي مدد ڪن. سنڌ ڪابينا 25 جون تي 25 هزار رپيا گهٽ ۾ گهٽ پگهارر مقرر ڪئي. نجي صنعت جي وڪيل جو موقف آهي ته سنڌ جي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار وارو طريقو آئين سان تڪراري آهي. جيڪڏهن عدالت حتمي فيصلي ۾ حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو ته درخواست ڏيندڙ سمورن مهينن جي پگهار ادا ڪندو. ڪيس جي شنوائي 3 رڪني بينچ جي سامهون مقرر ڪئي وڃي. نجي صنعت جي وڪيل گذارش ڪئي ته سنڌ ويج بورڊ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 19 هزار مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. سنڌ جي وڏي وزير جي سفارشن جي ابتڙ گهٽ ۾ گهٽ پگهار وڌائڻ جو اختيار ناهي. باقي صوبن ۾ پگهار 20 هزار جڏهن ته سنڌ ۾ 25 هزار آهي. سنڌ جي انڊسٽري لاءِ 25 هزار پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته صوبائي خودمختاري جي ڳالهه ته ڪئي ويندي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي شنوائي جنوري 2022 تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مزدور جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا مقرر ڪئي هئي جنهن جي خلاف نجي صنعت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close