اسلام آبادپاڪستان

مذهب جي آڙ ۾ سيالڪوٽ سانحي جهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ نه ڏيندس:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مذهب جي آڙ ۾ تشدد ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، جيستائين جيئرو آهيان، سيالڪوٽ سانحي جهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ نه ڏيندس. هن واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي شهري فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهري ملڪ عدنان کي تعريفي سند پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ عدنان جي بهادري تي اسان کي فخر آهي، اخلاقي قوت جسماني قوت کان وڌيڪ هوندي آهي. حيوانن جي هجوم ۾ هڪ بهادر انسان به هو. اميد آهي ته نوجوان ملڪ عدنان کي ڏسندا ته ياد ڪندا، ته هڪ انسان حيوانن سامهون بيٺو هو. هي اسان جي معاشري جو رول ماڊل آهي، هن جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جنهن به هاڻ دين کي استعمال ڪيو ۽ پاڻ سڳورن صه جي نالي تي ظلم ڪيو، اسان ان کي نه ڇڏينداسين. هن واقعي تي سڄي پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڻ کي سچو عاشق ثابت ڪرڻ لاءِ نبي سائين جن جي سيرت تي هلڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته اهو ڪهڙو انصاف آهي ته توهان الزام هڻي پاڻ ئي جج بڻجي وڃو ۽ قتل ڪري ڇڏيو. عمران خان چيو ته اسلام جي نالي تي تماشو لڳايو ويندو آهي، دين جي نالي تي ماڻهن کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو. نبي ڪريم صه جو نالو استعمال ڪري ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو. متاثر شخص کي انصاف ناهي ملندو، ڪير وڪيل ٿيڻ لا به تيار ناهي هوندو. ڪو جج به ڪيس ناهي ٻڌندو، هي انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ جي بزنس ڪميونٽي فيصلو ڪيو آهي ته پريانٿا جي پگهار هر مهيني ڏني ويندي. جڏهن ته بزنس ڪميونٽي پريانٿا لاءِ هڪ لک ڊالر گڏ ڪيا آهن. وزيراعظم عمران خان پريانٿا جي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عدنان ملڪ کي سڄي ملڪ طرفان ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته ملڪ عدنان کي 23 مارچ جي تقريب ۾ تمغه شجاعت ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button