اسلام آبادپاڪستان

عالمن جو سيالڪوٽ سانحي خلاف جمع تي مذمت ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ عالمن جو وفد سريلنڪن هاءِ ڪميشن پهچي ويو، ملڪ جي مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ۽ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ڪندي جمعي تي مذمت ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر اسلام آباد ٻاهران ٻين عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي تقي عثماني چيو ته سيالڪوٽ واقعي پوري قوم کي ڏکائي ڇڏيو، سياسي پارٽين سميت هر مڪتب فڪر جي عالمن واقعي جي مذمت ڪئي آهي. اسان سريلنڪن هاءِ ڪمشنر، حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ڪندي ان جي غم ۾ برابر شريڪ آهيون. هن گهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ۽ حڪومت کي درخواست آهي ته متاثر خاندان کي معاوضو ادا ڪري. هن چيو ته اسان سريلنڪن هاءِ ڪمشنر سان اچي ملاقات ڪئي، هي اهڙو واقعو آهي جنهن تي سڄي ملڪ سخت ردعمل ڏنو آهي ۽ سريلڪا اسان جو برادر ملڪ آهي ۽ ان سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آيا آهيون. پروفيسر ساجد مير چيو ته سيالڪوٽ واقعو اسلامي تعليم جي خلاف آهي ۽ هن ظالماڻي فعل جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي سربراهه قاري حنيف جالندري چيو ته هي واقعو نهايت مذمت جوڳو آهي، اسان هتي ٻڌي جي اظهار ۽ همدردي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته عالم 10 ڊسمبر جمعي کي مذمت ڏهاڙي طور ملهائيندا ۽ سمورين مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ هن سانحي جي مذمت ڪئي ويندي. شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان جي سربراهه علامه عارف واحدي چيو ته پوري قوم جي نمائندگي هتي اسان ڪري رهيا آهيون، اسان متاثر خاندان ۽ سريلنڪا وٽ تعزيتي پيغام سان آيا آهيون. هن چيو ته اسان هن شدت پسندي جي مذمت ڪريون ٿا، هي شدت پنسي پاڪستان ۽ اسلام سان دشمني آهي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ عالمن جو وفد سريلنڪن هاءِ ڪميشن پهچي ويو، جتي هنن سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي سريلنڪن عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button