اسلام آبادپاڪستان

سيالڪوٽ جهڙن واقعن تي جلد فيصلن لاءِ نوان قانون ٺاهيو:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سيالڪوٽ سانحي جهڙن واقعن تي جلد فيصلن لاءِ نوان قانون بڻجڻ گهرجن. ميڊيا شدت پسندن جي بيانئي کي ڪوريج نه ڏي. سيالڪوٽ ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ٿيو، مون سريلنڪن هاءِ ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي ۽ ملڪ جي امن امان جي صورتحال تي عسڪري ۽ سول قيادت جي اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. شيخ رشيد چيو ته 23 مارچ تي ڪجهه رستا بند هوندا آهن، پي ڊي ايم اڳواڻ لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني ڪري. اپوزيشن چئن مهينن جو وقت ڏنو آهي، اندوران پنجاب ۾ مڪاني چونڊون به ٿينديون، ان وقت تائين وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو. عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ پاڪستان ۾ جمهوري عمل وقتي وڌندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي چوڻ چاهيان ٿو ته جنهن جي ڪڍ اوهان لڳا آيو انهن جا ٽيلنٽ ته ڪجهه ٻيا آهن. جاتي امره جي خاندان جون صلاحيتون گلوڪاري ۾ وڌيڪ آهن ۽ اوهان درس نظامي جي شاگردن کي ان سان گڏ وٺي ويندا. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اوهان لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button