اسلام آبادپاڪستان

ثاقب نثار کي منهن ڏيڻ لا تيار آهيان:راڻا شميم جو جواب

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حلفي بيان ڪيس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن سومر تائين راڻا شميم جو حلفي بيان نه آيو ته ان تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان جي خبر تي توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن سلسلي ۾ راڻا شميم ذاتي حيثيت ۾ عدالت سامهون پيش ٿيو. راڻا شميم توهين عدالت جي شوڪاز تي پنهنجو جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن چيو ته آئون ثاقب نثار جي منهان منهن ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. واقعو ثاقب نثار سان 15 جولاءِ 2018 جي شام 6 وڳي جي ملاقات جو آهي. گفتگو گلگت ۾ ٿي، جيڪو پاڪستان جي حدن کان ٻاهر آهي. جواب ۾ چيو ويو ته مون حلفي بيان پبلڪ نه ڪيو، تنهن ڪري توهين عدالت ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. برطانيا ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو مقصد حلفي بيان کي ٻاهرين ملڪ محفوظ رکڻ هو. حلفي بيان ڪنهن سان شيئر نه ڪيو، نه ئي پريس ۾ جاري ڪيو، عدليا کي تڪراري بڻائڻ مقصد نه هو، عدليا جي توهين جو ارادو هجي ها ته پاڪستان ۾ حلفي بيان رڪارڊ ڪرائي ميڊيا کي جاري ڪيان ها، تنهن ڪري توهين عدالت جو شوڪاز واپس ورتو وڃي. چيف جسٽس عدالتي مددگار فيصل صديقي کان پڇيو ته خبر ڇاپڻ تي مختلف ذميوارن جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ اسان کي صحافت بابت عالمي معيارن کي به ڏسڻو آهي. ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته جج پريس ڪانفرنس نٿا ڪري سگهن، مان دعويٰ ۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته هن عدالت جي ججن کي ڪير اپروچ نٿو ڪري سگهي. منهنجي ڪنهن جج ڪنهن لاءِ دَر نه کوليو، ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هن عدالت تي عوام جو اعتماد ختم ڪيو وڃي، ڪو آزاد جج اهو عذر پيش نٿو ڪري سگهي ته ان تي ڪو دٻاءُ هو. چيف جسٽس چيو ته بيانيي ذريعي هن هاءِ ڪورٽ تي دٻاءُ وڌو ويو، اخبار خبر ڇاپي ڇڏي ته جج کي فون ڪري چيو ويو شخصيت کي آزاد ناهي ڪرڻو. راءِ ٺاهي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن سودو ڪيو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو الزام چيف جسٽس خلاف نه پر هن هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف آهي، توهان ڇا ٿا چاهيو ته مون سميت سڀني هاءِ ڪورٽ ججن خلاف انڪوائري شروع ٿي وڃي؟ راڻا شميم جي وڪيل چيو ته منهنجي ڪلائنٽ حلفي بيان جي متن کان ڪو انڪار ناهي ڪيو، جنهن تي اٽارني جنرل سوال ڪيو ته اهو ٻڌايو اصل ڊاڪومينٽ پاڻ آڻي رهيا آهيو يا پاڪستاني سفارتخاني کي ڏيندئو؟ چيف جسٽس چيو ته سومر تائين اصل حلفي بيان پيش نه ڪيو ويو ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، پوءِ عدالت شنوائي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button