اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي ٻاهر وڃڻ جي خدشي سبب سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڪالهه حڪومت گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيف ڪمشنر اسلام آباد کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته راڻا شميم هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. خدشو آهي ته هو ٻاهر فرار ٿي ويندو، تنهن ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. خط موجب راڻا شميم ڪيس جي ايندڙ شنوائي 13 ڊسمبر تي آهي، تنهن ڪري بنا دير سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button