اسلام آبادپاڪستان

ڪابينا جو پريانٿا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي بيرحماڻي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف تڪڙي ۽ سخت ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيالڪوٽ واقعي تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ميمبرن سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا. ڪابينا ميمبرن اتفاق ڪيو ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف تڪڙي ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 17 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. افغانين کي ڪنهن ٽئين ملڪ وڃڻ لاءِ محفوظ زميني يا فضائي رستو ڏيڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو. جڏهن ته پيٽرول تي ڊيلر مارجن ۾ واڌ جي منظوري سان گڏوگڏ گيپڪو ۽ ٽيسڪو جي سي اي اوز جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button