اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته ٻيو پرڻو اهو ڪندو آهي، جنهن کي پهرين زال ماري. اسان جي گهر ۾ ته سڪون آهي، مريم نواز جهڙي ليڊر ٻي ڪائي نه آهي. جنيد جي پرڻي تي ووٽ کي عزت ڏيو وارو گانو هلندو، پٽ جي شادي تي گانو به ڳائيندس. سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڏاڏي، ناني ديسان دا راجا ڳائينديون هيون، مريم ڳايو ته ڇا ٿي پيو. هن چيو ته ٿوري گهڻي جهومر سيکاري وئي آهي اها به هڻندس. هن چيو ته اسان شادي جو سادو پروگرام رکيو آهي رڳو ويجها مائٽ هوندا. شادي تي ون ڊش پروگرام رکنداسين. هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول شادي تي نه به اچن ته ڪائي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته آصف زرداري صاحب اسان جي دل ۾ آهي. بلاول نه به گهرائي مان سندس پرڻي تي ويندس ڇو ته ڪراچي ۾ مون کي پوليس نه پڪڙيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close