عالمي

ڀارتي جنرل بپن راوت ۽ سندس زال سميت 13 ڄڻا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

نئين دهلي: ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڀارتي هوائي فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت پنهنجي زال مڌوليڪا راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڀارتي فضائيا موجب ايم آءِ 17 وي فائيو هيلي ڪاپٽر ۾ جنرل بپن راوت سميت 9 ڄڻا ۽ عملي جا 4 ميمبر سوار هئا. ڀارتي فضائيا جو چوڻ آهي ته جنرل بپن راوت ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي نيلا گيري ۾ ڊفينس سروسز اسٽاف ڪاليج ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته هڪ جابلو علائقي ڪونور ڀرسان هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو. ڀارتي فضائيا جنرل بپن راوت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ۽ ان جي گهرواري سميت 13 ڄڻا حادثي ۾ فوت ٿيا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 13 لاش مليا آهن، جن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي. ڀارتي ايئر فورس چيو آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڀارتي فوج جو سربراهه جنرل بپن راوت پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 2019 ۾ رٽائر ٿيو هو. پوءِ مودي سرڪار کيس ڀارت جي هٿياربند فوجن جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف مقرر ڪيو هو. جنرل بپن جو تعلق هماليائي رياست اترا کنڊ سان هو، سندس خاندان لاڳيتو فوج ۾ رهندو پئي آيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب هو 2015ع ۾ به هڪ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ذري سان بچيو هو. حادثي جو شڪار ٻن انجڻين واري هيلي ڪاپٽر جو شمار جديد ترين هيلي ڪاپٽر ٽرانسپورٽ ۾ ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button