اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف طرفان ڀارتي جنرل بپن راوت جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

راولپنڊي :آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ڀارت ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ جنرل بپن راوت ۽ سندس گهرواري سميت 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل نديم رضا ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملٽري هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت ۽ سندس گهرواري سميت 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي هوائي فوج موجب جنرل بپن راوت ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي نيلا گيري ۾ ڊفينس سروسز اسٽاف ڪاليج ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪونور ڀرسان هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button