اسلام آبادپاڪستان

ناڻي وزير نه آيو،مني بجيٽ تي بحث نه ٿيو،شيري رحمان جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد: سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مني بجيٽ تي بحث نه ڪرڻ تي سينيٽر شيري رحمان احتجاجن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندي چيو ته ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير وري نه آيو آهي. ناڻي واري وزير جي ڪري اجلاس ٻه ڀيرا ملتوي ٿيو آهي. مني بجيٽ سان مهانگائي جو طوفان ايندو. اجلاس جي بائيڪاٽ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته حڪومت 3 سال ۾ 6 ناڻي وارا سيڪريٽري تبديل ڪيا آهن. ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير اڄ به ناهي آيو. شيري رحمان چيو ته پهريان ئي ماڻهو پنهنجا يوٽيلٽي بل ادا نٿا ڪري سگهن. پارليامينٽ کي ٻڌايو وڃي ته آئي ايم ايف جا شرط ڪهڙا آهن. حڪومت پنهنجن ادارن کي آئي ايم ايف جي اڳيان جوابده بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي حڪومت کان جواب گهرجي. مني بجيٽ آئي ايم سان مشروط آهي ڪميٽي ۾ مني بجيٽ ۽ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ منهنجو حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button