پاڪستانعالمي

سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جو مڙهه وارثن حوالي،انتهائي جذباتي منظر

ڪولمبو:پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم هٿان بيدردي سان قتل ڪيل سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. لاش گهر پهچڻ تي انتهائي جذباتي منظر ٿي ويو، ما ۽ ٻيا گهر ڀاتي اوڇنگارون ڪري روئي پيا. خبرموجب سيالڪوٽ ۾ هجوم هٿان بي رحمي سان مارجي ويل سريلنڪن شهري جو مڙهه سريلنڪا ۾ سندن وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سريلنڪن مئنيجر جو مڙهه سندس ڀاءُ وصول ڪيو. سريلنڪن شهري جي ڊيڊ باڊي پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ رکي وئي هئي، جتان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچائي وئي ۽ سريلنڪا رواني ڪئي ويئي. ڊيڊ باڊي کي ايئر لنڪا جي اڏام يو ايل 186 ۾ روانو ڪيو ويو هو. ان موقعي تي پريانٿا ڪمار جي ڀاءُ چيو ته اميد آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل جي جاچ انصاف سان ڪئي ويندي ۽ ٻنهي حڪومتن کي درخواست آهي ته اسان کي جاچ بابت آگاهه ڪندا رهن. واضح رهي ته سريلڪن شهري پريانٿا ڪمارا کي سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري ملازمن تشدد ڪندي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button