ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر 8 جي رهواسي عورتن پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي وارڊ ۾ پاڻي نه ٿو پهچي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اهو ڌپ وارو آهي، پاڻي جي مسئلي تي اسان انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ۽ احتجاج ڪيا، پر پاڻي جو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو. اسان جي پاڙن ۾ ترقياتي ڪم به اڌ ۾ ڇڏيا ويا آهن. هنن چتا ڏنو ته 15 ڏينهن اندر پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته 24 ڊسمبر تي ڌرڻو ڏنو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close