پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن جو مظاهرو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر 8 جي رهواسي عورتن پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي وارڊ ۾ پاڻي نه ٿو پهچي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اهو ڌپ وارو آهي، پاڻي جي مسئلي تي اسان انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ۽ احتجاج ڪيا، پر پاڻي جو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو. اسان جي پاڙن ۾ ترقياتي ڪم به اڌ ۾ ڇڏيا ويا آهن. هنن چتا ڏنو ته 15 ڏينهن اندر پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته 24 ڊسمبر تي ڌرڻو ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button