اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 9 ڄڻا فوت،313 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب پختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 9 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 313 ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 19 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 11 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 10 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 9 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 9 هزار 485 آهي. هن وقت تائين ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 812 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 631 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 24 لک 28 هزار 325 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 793 مريض علاج هيٺ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button