اسلام آبادپاڪستان

رياستون جمهوري حق ڏيڻ سان ئي محفوظ ٿينديون آهن:آصف زرداري

اسلام آباد :پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته رياست کي ماءُ جهڙو هئڻ گهرجي، ٻارن کي پنهنجي هنج ۾ سنڀالي رکي. ڪالهه اسلام آباد ۾ انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ڏنل پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سدائين انساني حقن جي پاسدار رهي آهي. هن چيو ته مضبوط جمهوريت، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي حڪمراني انساني حقن جون ضامن آهن، انساني آزادي، گڏيل جمهوري حق مهذب معاشري جو بنياد آهن. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته رياستون شهرين کي انساني ۽ جمهوري حق ڏيڻ سان ئي محفوظ ٿينديون آهن. آصف علي زرداري چيو ته گذريل 74 سالن کان والاريل ڪشمير جا شهري انساني حقن کان محروم آهن، ڪنهن به شهري تي زبردستي پنهنجي سوچ مڙهڻ انساني حقن جي ابتڙ آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته رياست کي ماءُ جهڙو هجڻ گهرجي، ٻارن کي پنهنجي هنج ۾ سنڀالي رکي، محترمه بينظير ڀُٽو شهيد انساني حقن جي علمبدار هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button